آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت وارين درخواستن جي شنوائي اڄ ٿي رهي آهي

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت وارين درخواستن جي شنوائي اڄ ٿي رهي آهي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل بينچ ڪيس جي شنوائي ڪري رهي آهي.

شنوائي جي موقعي تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٻاهران سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، جڏهن ته عدالت ٻاهران پوليس جا وڏا اٽالا موجود آهن.

اڳوڻي صدر آصف زرداري درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته  ٽرائل مڪمل ٿيڻ تائين ضمانت منظور ڪئي وڃي..

درخواست ۾ اهو به  ڄاڻايو ويو آهي ته نيب ۾ هنن خلاف  جيڪي انڪوائريز هلندڙ آهن، انهن جا تفصيل به فراهم ڪيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*