نواز شريف کي طبي ٽيسٽن لاءِ اڄ شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال نيو پيو وڃي

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي طبي ٽيسٽن لاءِ اڄ شريف ميڊيڪل سٽي اسپتال نيو پيو وڃي.

ڊاڪٽرعدنان مطابق  نوازشريف جي گڙدن، بلڊ پريشر، شوگر ۽ دل جون ٽيسٽون ڪيون پيون وڃن.

ميڊيا رپورٽس مطابق اڳوڻي وزير اعظم ۽ ن ليگ جي قائد ميان نوازشريف جو سندس ذاتي معالج ڊاڪٽر عدنان چيڪ اپ ڪندو.

اڄ شام تائين حتمي رپورٽس اچڻ کانپوءِ نوازشريف کي لنڊن جي معالج، ڊاڪٽر لارنس سان رابطو ڪرايو ويندو ۽ ان سان علاج جي حوالي سان صلاح مشورو ڪيو ويندو.

 واضح رهي ته سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف جي علاج لاءِ 6 هفتن لاءِ ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*