ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت سيشن جج جا اختيار پوليس حوالي ڪرڻ خلاف وڪيلن جو احتجاج جاري

ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت سيشن جج جا اختيار پوليس حوالي ڪرڻ خلاف پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن جو احتجاج جاري آهي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ سبب ڪيسن جون ٻڌنيون نه ٿي سگهيون، ڪراچي ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جي بائيڪاٽ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو.

سڄي ملڪ جيان سنڌ ۾ به وڪيل نيشنل جڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪميٽي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ بابت اختيار سيشن جج کان واپس وٺي پوليس حوالي ڪرڻ واري فيصلي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهن.

پاڪستان بار ڪائونسل جي سڏ تي وڪيلن ڪراچي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ،  ملير ڪورٽ سميت سمورن ماتحت عدالتن ۾ عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاج ڪيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ عدالت جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مطاهرو ڪري ڌرڻو هيو.

وڪيلن جي احتجاج سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ، سٽي ڪورٽ ۽ ملير ڪورٽ ۾ ڪيسن جون  ٻڌڻيون نه ٿي سگهيون، جڏهن ته پيشي تي آندل قيدن کي پڻ ٻڌني کانسواءِ واپس موٽايو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ به وڪيلن عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو.

وڪيلن جو مطالبو آهي ته سيشن جج کي ڪيس داخل ڪرڻ وارا اختيار واپس ڏنا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*