جيڪب آباد ۾ 12 ورهين جي نينگر کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهڻ بعد لاڳيتو بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

جيڪب آباد ۾ 12 ورهين جي نينگر کي اغوا ڪري جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي وڊيو ٺاهڻ بعد لاڳيتو بليڪ ميل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

 جيڪب آباد ۾ بااثر جوابدارن پاران 12 ورهين جي عمران ملغاڻي کي اغوا ڪري ويران هنڌ تي کڻي وڃي جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻائي نينگر جي وڊيو ٺاهي وئي.

 بدفعلي ڪرڻ کانپوءِ بااثر جوابدار نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ اڇلائي فرار ٿي ويا، اطلاع تي وارث نينگر کي بيهوشي واري حالت ۾ گهر  کڻائي آيا.

 نينگر ٻڌايو ته جوابدار فرمان کيس ڏاڍائي جو نشانو بڻائي لاڳيتو بليڪ ميل ڪندو رهيو آهي.

 نينگر عمران جي وارثن جي فرياد تي پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو آهي.

 نينگر جي وارثن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو آهي ته جوابدار ڌر بااثر آهي، جيڪي نينگر سان ڏاڍائي ڪندڙ جوابدار کي آزاد ڪرائڻ چاهين ٿا، مختلف طريقن سان ڌمڪيون ڏئي هراسان ڪيو پيو وڃي.

 نينگر جي وارثن پاران ڊسٽرڪٽ سيشن جج، ايس ايس پي جيڪب آباد ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته وحشي جوابدار کي سخت سزا ڏئي انصاف ڏياريو وڃي.

پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

 نينگر جي طبي چڪاس به ڪئي وئي، جنهن دوران نينگر جا جزا وٺي ليبارٽري اماڻيا ويا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*