اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جعلي بينڪ اڪائونٽس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت منظوري ڪري ورتي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي جعلي بينڪ اڪائونٽس ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت منظوري ڪري ورتي.

عدالت درخواستگذارن کي ضمانت لاءِ 10،10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، عدالت نيب کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جي 10 اپريل تائين حفاظتي ضمانت منظور ڪئي آهي.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي گرفتاري کان اڳ ضمانت  جي درخواست تي شنوائي اسلام آباد هائي ڪورٽ جي ڊويزن بينچ ڪئي.

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي اسلام آباد هائي ڪورٽ اچڻ سبب سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، پوليس ۽ رينجرز جو وڏو انگ عدالت ٻاهران مقرر ڪيو ويو.

درخواست گذارن گذريل ڏينهن ضمانت جون پنج درخواستون داخل ڪيون هيون، هنن عدالت کي استدعا ڪئي ته نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي.

درخواست ۾ نيب کان آصف زرداري جي حوالي سان جاري انڪوائريز جي حوالي سان تفصيل ڏيڻ لاءِ چيو ويو هو،عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي تفصيل فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪري ڇڏي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*