ڪنڌڪوٽ لڳ زمين جي مالڪيءَ تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا

ڪنڌڪوٽ لڳ زمين جي مالڪيءَ تان ٻن ڌرين ۾جهيڙي سبب 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڪيس داخل نه ٿيڻ خلاف هڪ متاثر ڌر جي ماڻهن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ محمد عالم بهلڪاڻي ۾بهلڪاڻي ۽ ڀنگوار برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب محمد خان ڀنگوار، حسن علي، احمد علي، عبدالخالق، اعجاز ڀنگوار، غمدل بهلڪاڻي ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.

جهيڙي جي سمورن زخمين کي مقامي اسپتال پهچايو ويو، جتان ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب کين لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف بهلڪاڻي برادري جي ماڻهن زخمين کي شڪارپور کان ڪشمور ويندڙ روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته بااثر جوابدارن گهر تي حملو ڪيو، سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*