ٽنڊي آدم ويجهو گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿيل ٻاڙيءَ کي ڳوٺ ڀرسان قبرستان مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪيو ويو
ٽنڊي آدم ويجهو گذريل ڏينهن پراسرار نموني گم ٿيل ٻاڙيءَ کي ڳوٺ ڀرسان قبرستان مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪيو ويو، ڊاڪٽرن پاران ڏاڍائي جي تصديق کانپوءِ معصوم نياڻي کي حيدرآباد منتقل ڪيو ويو، پوليس شڪ ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتوآهي.
ڳوٺ مٺو کوسي ۾ پراسرار نموني گم ٿيل 8 ورهين جي ٻارڙيءَ کي وارثن ڳوٺ ڀرسان قبرستان ساجن سوائي مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪري ورتو.
بيھوشي واري حالت ۾ ھٿ ڪيل نياڻي کي تعلقي اسپتال پھچايو ويو، جتي ڊاڪٽرن طبي چڪاس بعد ٻارريءَ سان ڏاڍائي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
بعد ۾ ڊاڪٽرن ٻارڙيءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد سول اسپتال منتقل ڪيو.
سٽي پوليس رپورٽ داخل ڪري هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتوآهي……