ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي احتجاج سبب بنا ڪارروائي جي ملتوي ٿي وئي

ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي احتجاج سبب بنا ڪارروائي جي ملتوي ٿي وئي، شرجيل ميمڻ چيو آهي ته شريف ڀائرن جون ضمانتون ته ٿي وڃن ٿيون پر مان ٻن سالن کان جيل ڀوڳي رهيو آهيان، اميد آهي ته مون سان به انصاف ڪيو ويندو.

ڪراچي جي احتساب عدالت سڌ سماءَ واري کاتي ۾ 6 ارب رپين جي ڪرپشن واري ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي بائيڪاٽ سبب بنا ڪارروائي جي ملتوي ڪري ڇڏي.

ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ کي عدالت ۾ پهچايو ويو پر ٻڌڻي ملتوي ٿيڻ سبب کيس پيش نه ڪيو ويو.

عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل ميمڻ چيو ته شريف ڀائرن جون ته ضمانتون ٿي وڃن ٿيون پر هو ٻن سالن کان جيل ڀوڳي رهيو آهي.

اڳوڻي صوبائي وزير عدالتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته اميد ته کيس به انصاف ضرور ملندو …….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*