دادو ۾ ڳوٺاڻن پاران ميرواهه گورچاڻي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

دادو ۾ ڳوٺاڻن پاران ميرواهه گورچاڻي پوليس جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته پوليس چار پورهيتن کي بيگناهه گرفتار ڪري رشوت گهري رهي آهي.

 ڳوٺ چاڪراڻي لنڊ جي رهواسي حاجي بخشل، آصف لُنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب پهچي  احتجاج ڪيو.

 احتجاج ڪندڙ چيو ته عمر ڪوٽ جي ميرواھه پوليس ٽرڪ تي مزدوري ڪندڙ 4 پورهيتن کي چوري جو الزام مڙهي گرفتار ڪيو آهي.

هنن چيو ته گرفتار پورهيتن  الطاف، مجاهد، اصغر ۽ اسد جي آزادي لاءِ پوليس 2 لک رپيا رشوت طلب ڪري رهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.. ..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*