اسلام آباد جي خاص عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي 2 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي

اسلام آباد جي خاص عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف کي 2 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو پيش نه ٿيو ته هن خلاف مناسب ڪارروائي ڪئي ويندي.

اسلام آباد جي خاص عدالت اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي سنگين غداري ڪيس جي شنوائي ڪئي.

ان موقعي تي پرويز مشرف هڪ ڀيرو ٻيهر ويڊيو لنڪ ذريعي بيان ريڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر پرويز مشرف پاران جواب ڏيندي بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان انڪار ڪيو ۽ چيو ته سندس موَڪل اسڪائپ تي بيان ريڪارڊ نه ڪرائيندو.

مشرف جي وڪيل پنهنجي موڪل جي بريت لاءِ  به درخواست پڻ داخل ڪري ڇڏي آهي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته عام حالتن ۾ بيان جي رڪارڊنگ لاءِ جوابدار جي حاضري لازمي هوندي آهي، جڏهن ته هتي مخصوص حالتن جي ڳالهه ٿي رهي آهي.

مشرف جي وڪيل چيو ته منهنجو نه پر منهنجي جوابدار جو ٽرائل ٿي رهيو  آهي، مان به چاهيان ٿو ته پرويزمشرف واپس اچي، پر سندس بيماري ڊگهي ٿي وئي آهي.

سلمان صفدر ايڊووڪيٽ عدالت کي استدعا ڪئي ته ڊاڪٽرن جو پينل موڪلي مشرف جو معائنو ڪرايو وڃي، پرويز مشرف ڊاڪٽرن جو خرچ به ادا ڪندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*