سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر نوشهري فيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا مليل چئن جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر نوشهري فيروز جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيندي قتل ڪيس ۾ ڦاهي جي سزا مليل چئن جوابدار کي بري ڪري ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر جي ٻه رڪني بئنچ جسٽس اقبال احمد مهر ۽ جسٽس ارشاد شاهه ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

وڪيل علي رضا بلوچ جي داخل ڪيل اپيل تي عدالت اي ٽي سي نوشهرو فيروز جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ  سينٽرل جيل جي ڦاهي گهاٽ ۾ قيد چئن جوابدارن محبوب، اڪبر، پيارو  ۽ ضمير راڄپر جي ڦاهي واري سزا ڪالعدم قرار ڏيندي کين بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

واضح رهي ته سال 2016ع ۾ جوابدارن مٿان پوليس اهلڪار ڄام خان کي قتل ڪرڻ جو فيض گنج ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن ڪيس ۾سزا ملڻ کانپوءِ چارئي جوابدارسکر سينٽرل جيل جي ڦاهي گهاٽ ۾ قيد ڀوڳي رهيا هئا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*