ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ جا حتمي نتيجا پڌرا ڪيا ويا، ڪنور نويد 95 هزار ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي

ڪراچي جي تڪ اين اي 246 تي ننڍي چونڊ جا حتمي نتيجا پڌرا ڪيا ويا آهن، رٽرننگ آفيسر جو چوڻ آهي ته ڪنور نويد 95 هزار 644 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي آهي.

رٽرننگ آفيسر نديم احمد حتمي نتيجا پڌرا ڪندي چيو ته آهي ته سرڪاري نتيجا اليڪشن ڪميشن پڌرا ڪندي.

هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪنور نويد 95 هزار 644 ووٽ حاصل ڪيا آهن.

رٽرننگ آفيسر جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي عمران اسماعيل 24 هزار 821 ووٽ حاصل ڪيا جڏهن ته جماعت اسلامي جي راشد نسيم 9 هزار 56 ووٽ کنيا.

هن چيو ته نتيجن جي حتمي چيڪنگ کان پوءِ فارم 16 جاري ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*