سکر جي مشن روڊ وٽان تازي ڄاول ٻار جو لاش گند جي ڍير مان هٿ آيوآهي

سکر جي مشن روڊ وٽان تازي ڄاول ٻار جو لاش گند جي ڍير مان هٿ آيوآهي.

مشن روڊ واري علائقي ۾ نامعلوم ماڻهو تازي ڄاول ٻارڙي کي گند جي ڍير ۾ ڦٽو ڪري ويا.

 مئل ٻارڙي جي مڙهه کي رولو ڪتن کائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران شهرين ڪتن کي ڀڄائي ڇڏيو.

ٻار جو لاش هٿ اچڻ بابت بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو.

اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس ايڌي وارن کي گهرائي ٻارڙي جو لاش حوالي ڪيو.

 ايڌي وارن تازي ڄاول ٻارڙي کي غسل ۽ ڪفن ڏئي لاش نئون ڳوٺ قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*