خزاني جي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ خطرناڪ حالتن مان ٻاهر نڪري آيو آهي

    خزاني جي وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ خطرناڪ حالتن مان ٻاهر نڪري آيو آهي، قوم کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناهي،پاڪستان ۾ جيڪو به ڪرپٽ هجي، ان جو احتساب ٿيڻ گهرجي.

لاهور ۾  اين ايف سي جي پنجين اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته گذريل دورن ۾ حڪومتن قومي خزاني کي بيدردي سان لٽيو.ڪنهن به عوام جي باري ۾ نه سوچيو.

هن چيو ته نوازشريف جو مستقبل عدالت ئي طئي ڪندي.

هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان جي لاءِ تمام گهڻيون خوشخبريون آهن.

خزاني جي وزير چيو ته حڪومت گذريل ڇهن مهينن ۾ 70 ارب رپين جو نقصان برداشت ڪيو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ تي خدشن بابت جواب ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اهو سوال مراد علي شاهه کان پڇيو وڃي ته هو اجلاس ۾ ڇو نه آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*