ڪراچي ۾ استادن تي تشدد خلاف گسٽا جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾استادن ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ استادن تي تشدد خلاف گسٽا جي سڏ تي سنڌ جي مختلف شهرن ۾استادن ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪري ڇڏيو، سيڪنڊري اسڪولز ۾ تدريسي عمل ٺپ ٿي ويو، پهرين اپريل کان رٿيل نائين ۽ ڏهين ڪلاسز جا امتحان به رولڙي ۾ پئجي ويا، تعليم جو چوڻ آهي ته استادن جي ٽائيم اسڪيل وارو مطالبو تسليم ڪيو ويو آهي، استادن مطالبا تسليم ٿيڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس جي تشدد خلاف گسٽا جي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ استادن تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن.

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪالهه سنڌ جي راڄڌاني ۾ استادن سان ٿيل ويڌن جو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ پوليس گرفتار ڪيل استادن کي آزاد ته ڪري ڇڏيو آهي پر استادن اڄ وري مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال شروع ڪري ڇڏي آهي.

تعليم واري وزير ۽ گسٽا اڳواڻڻ وچ ۾ ڳالهيون به ٿيون، جنهن کانپوءِ تعليم کاتي دعويٰ ڪئي آهي ته استادن جي ٽائيم اسڪيل وارو مطالبو تسليم ڪيو ويو آهي، جنهن جي سمري تي وڏي وزير صحيح به ڪري ڇڏي آهي.

احتجاج ڪندڙ استادن جو چوڻ آهي ته مطالبا تسليم ٿيڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تائين احتجاج جاري رهندو.

استادن تي تشدد خلاف ڪراچي جي ملير  ضلعي ۾ استادن تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

حيدرآباد ۾ به استادن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرڻ کانپوءِ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

سکر ۾ به استادن تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري مختلف اسڪولن ۾ پهتل شاگرد ۽ شاگردياڻيون واپس موٽي ويا.

ٺٽي ضلعي جي سمورن سيڪنڊري اسڪولز ۾ استادن جي بائيڪاٽ سبب تدريسي عمل بند رهيو.

بدين ۾استادن تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري اسڪولن تي ڪارا جهنڊا چاڙهي احتجاج ڪيو.

شهيد بينظير آباد ضلعي جي 95 گرلز۽ بوائز سيڪنڊري اسڪولز ۾  استادن ڪلاسز جو بائڪاٽ ڪرڻ بعد ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو.

خيرپور، ڪشمور، شڪار پور، دادو، عمر ڪوٽ، ڪنري، پنگريو،جوهي، ميهڙ، ڊگهڙي، ڄام نواز علي ۾ به استادن ڪلاسز جو بائڪاٽ ڪري ريليون ڪڍيون.

ٽنڊو الهيار، ٺل، ٽنڊو آدم، فيض گنج، تنگواڻي، ميرپور بٺورو ،نئون ڪوٽ، ڄام صاحب، ڪوٽڙي ۽ غوثپور سميت سڄي سنڌ ۾ تدريسي عمل بند آهي.

استادن جي بائيڪاٽ سبب نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا پهرين اپريل کان رٿيل امتحان به رولڙي ۾ پئجي ويا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*