اسلام آباد ھائي ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽  فريال ٽالپر جي ضمانت وارين درخواستن بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ھائي ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽  فريال ٽالپر جي ضمانت وارين درخواستن بابت لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.عدالت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر کي هر حاضري تي نيب اڳيان پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

گذريل ڏينهن پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر گرفتاري کان اڳ ضمانت واريون درخواستون داخل ڪيون هيون، جنهن تي عدالت سندن عبوري ضمانت منظور ڪئي هئي.

عدالت نيب کي به نوٽيس جاري ڪندي، ايندڙ شنوائي کان اڳ شق وار جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

اسلام آباد هائي ڪورٽ نيب کي ايندڙ شنوائي تائين انڪوائري رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*