ڳڙھي ياسين ڀرسان جوابدارن حملو ڪري اسڪول جي پرنسپال ۽ استاد  کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا

ڳڙھي ياسين ڀرسان جوابدارن حملو ڪري اسڪول جي پرنسپال ۽ استاد  کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويا.

  سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي اسڪول راڄو خان جعفري ڏانهن ويندڙ پرنسپال زبير احمد چانڊيو،  نويد ڦلپوٽو،  راحيلا،  صبحا، لاريب ۽ گل عباسي مٿان هٿيار بندن حملو ڪيو.

حملي دوران لٺيون لڳڻ سب پرنسپال زبير احمد چانڊيو ۽ استاد نويد احمد ڦلپوٽو سخت زخمي ٿي پيا.

پرنسپال زبير احمد چانڊيو ٻڌايو ته هٿيار بندن اسڪول وڃڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏنيون هيون، جنهن کانپوءِ  تشدد ڪري زخمي ڪيو.

هن مطالبو ڪيو ته کيس سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ جوابدار گرفتار ڪيا وڃن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*