سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ استادن تي تشدد واري معاملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهرو سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ استادن تي تشدد واري معاملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي گهرو سيڪريٽري کي معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

گذريل ڏينهن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ استادن تي پوليس پاران شيلنگ ۽ لٺبازي ڪئي وئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي استاد زخمي ٿي پيا هئا.

وڏي وزير استادن تي تشدد واري معاملي جو نوٽيس وٺندي گهرو سيڪريٽري کي معاملي جي مڪمل جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

وڏي وزير چيو آهي ته ٻڌايو وڃي ته انتظاميه کي استادن خلاف سخت قدم کڻڻ کان روڪڻ باوجود مٿن تشدد ڇو ڪيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته هو استادن جو احترام ڪن ٿا، سندن سمورا جائز مطالبا تسليم ڪيا ويندا………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*