حڪومت مهانگائي سٽيل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن

حڪومت مهانگائي سٽيل عوام مٿان هڪ ڀيرو ٻيهر پيٽرول بم ڪيرائڻ جون تياريون ڪري ورتيون آهن، اوگرا تيل اگهن ۾ 12 رپين تائين واڌ جي سفارش ڪندي پيٽرول جو في ليٽر 11 رپيا 92 پيسا، هاءِ اسپيڊ ڊيزل 11 رپيا 17 پيسا ۽ گاسليٽ ساڍا ڇهه رپيا مهانگو ڪرڻ جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اوگرا پيٽروليم شين جي اگهه ۾ 12 رپين تائين واڌ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي.

ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 11 رپيا 92 پيسا ۽  هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 11 رپيا 17 پيسا واڌ جي سفارش  ڪئي وئي آهي.

ذريعن موجب اوگرا گاسليٽ جي اگهه ۾ ساڍا ڇهه رپيا واڌ واڌ جي سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب تيل اگهن ۾ واڌ جي حتمي منظوري وزيراعظم ڏيندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*