پيپلزپارٽي جَي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت پرويز مشرف جي شيڊو آهي

پيپلزپارٽي جَي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته موجوده حڪومت پرويز مشرف جي شيڊو آهي، مشرف جي ساڳين ئي ماڻهن کي حڪومت ۾ آندو ويو آهي، اعجاز شاهه کي وفاقي وزير بڻائڻ نئين ڳالهھ ناهي، ڪو هڪ وزير نه پر سموري حڪومت ئي غير قانوني آهي. سکر ۾پنهنجي رهائش گاهه تي ڳالهائيندي خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته ملڪ مان فرار ٿيل هڪ ڊڪٽيٽر جي ماڻهن کي واپس آڻڻ سمجھه کان ٻاهر آهي، پرويز مشرف ڪڏهن به ملڪ واپس نه ايندو.

هن چيو ته وزير اعظم اڃا تائين ڪنٽينر تي چڙهيل آهي، لهڻ جو نالو ئي نٿو وٺي، الله کان دعا آهي ته سنڌ کي عمران خان جي تبديليءَ کان بچائي.

       خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ صوفين بزرگن جي ڌرتي آهي، عمران جي تبديلي مطلب تباهي آهي، سونامي جو مطلب به تباهي آهي، مهانگائي جي صورت ۾ سڀني کي تباهي نظر اچي رهي آهي.

هن وڌيڪ فنڊز واري معاملي ۾ به صوبن سان ٻه اکيائي ڪئي پئي وڃي، سنڌ کي وفاق ۾ حصي تحت نوڪريون نٿيون ملن، 24 سيڪڙو نوڪريون ملڻ گهرجن پر 2 ڏهائي هڪ سيڪڙو نوڪريون مس ملي رهيون آهن.

خورشيد شاهه چيو ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سدائين مشڪل حالتن کي منهن ڏنو آهي، وزير اعظم هڪ به ڏينهن جيل نه رهي سگهندو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*