وزيراعظم ڪراچي لاءِ 162 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪندي

وزيراعظم ڪراچي لاءِ 162 ارب رپين جي پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته ڪراچي جي ترقي پيپلزپارٽي جِي حڪومت جِي ذميواري آهي، پر افسوس ته ٻين ضلعن مان ڪاميابي ماڻيندڙ پ پ ڪراچي کي ترقي نه ڏياري سگهي.

گورنر هائوس ۾ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي ترقيءَ بنا ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگهي، شهر کي ترقي وٺرائڻ لاءِ 162 ارب رپين جو پيڪيج ڏنو آهي، پيڪيج تحت 18 منصوبن تي ڪم ڪيو ويندو، جن ۾ڊرينيج ۽ ٽرانسپورٽ جا منصوبا شامل آهن.

هن چيو ته سموري ملڪ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ آهي، ڪراچي ۾پيئڻ لاءِ پاڻي نه هجڻ باوجود پاڻيءَ سان گاڏيون صاف ڪيون وينديون آهن، پاڻي بچائڻ لاءِ مهم هلائڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشي لحاظ لاءِ پاڪستان لاءِ تمام ڏکيو وقت آهي پر تنهن باوجود هو شهرن جي ترقي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي بابت ڪيل واعده کيس ياد آهن، جن کي توڙ تائين پهچايو ويندو، سندس ٽيم واعدن کي پورو ڪرڻ پنهنجون صلاحيتون ڪتب آڻي رهي آهي.

وزيراعظم چيو ته جهاز مان ڏسندا آهيون ته ڪراچي پٿرين ۽ مٽيءَ جو ڍير نظر ايندو آهي، ٽرانسپورٽ ۽ ڊرينيج کان هٽي ڪري به ٻين شعبن ۾ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

وزيراعظم ٻوٽو پوکو باغ ابن قاسم ۾جو به افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته شهرين لاءِ ساوڪ ۽ وڻڪاري ضروري آهي، ڪراچي ۾ قيمتي زمينن تي قبضا مافيا حاوي آهي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ٻيلن جي زمينن تي قبضا ڪيا ويا آهن.

وزيراعظم عمران خان چيو ته سرڪاري زمينن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا، قبضا مافيائن مان جند آجي ڪرائڻ جو وقت اچي ويو آهي.

وزيراعظم عمران خان چيو ته ٿر ۾ اربين رپين جي لاڳت سان آر او پلانٽس به لڳايا ويندا………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*