مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪراچي شهر جو روشنيون بحال ٿي چڪيون آهن

مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته ڪراچي شهر جو روشنيون بحال ٿي چڪيون آهن، امن ٻيهر تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين، دشمن جي ٻولي ڳالهائيندڙن جي زبان ڪٽي ڇڏينداسين، ڪراچيءَ ۾ رينجرز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي شهريار آفريدي وڌيڪ چيو ته ٻاهر ويهي ڪراچي جو امن تباهه ڪندڙ پنهنجو قبلو درست ڪن، رياست هاڻي بليڪ ميل نه ٿيندي.

هن چيو ته ملڪ دشمن قوتن جو ساٿ ڏيندڙن کي چٿي ڇڏيو آهي، ملڪ دشمنن جي ساٿارين کي به عبرتناڪ سزا ڏينداسين.

هن چيو ته ڪراچي معاشي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو، سنڌ ۾ امن جي بحالي لاءِ رينجرز تاريخ رقم ڪئي آهي.

شهريار آفريدي پي ٽي آءِ جي حڪومت عوام جي خدمت لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي، امن امان پهرين ترجيح آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*