سکر جي عدالت ام رباب چانڊيو جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سکر جي عدالت ام رباب چانڊيو جي والد، چاچي ۽ ڏاڏي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج سيد شڪيل حيدر ميهڙ واقعي ۾ قتل ٿيل يوسي چيئرمين سميت ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران ام رباب چانڊيو، پرويز چانڊيو ۽ وڪيل فاروق اي پيرزادو عدالت ۾پيش ٿيا.

ڪيس ۾ نامزد جوابدار پ پ ايم پي اي سردار چانڊيو، برهان چانڊيو ۽ ٻيا به عدالت ۾ پيش ٿيا

جوابدارن جو وڪيل عدالت ۾غير حاضر هئڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

ڪيس جي فريادي ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران ڳالهائيندي چيو ته سردارن ۽ ڀوتارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو آهي، ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ملي رهيون آهن.

هن چيو ته عدالتي ڪارروائي مان مطمئن آهي، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*