وزير اعظم عمران خان ڪراچي جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد اڄ لاهور ويندو

وزير اعظم عمران خان ڪراچي جو دورو مڪمل ڪرڻ بعد اڄ لاهور ويندو،جتي هو لاهور ريلوي اسٽيشن تي جناح ايڪسپريس جو افتتاح ۽ پنجاب ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندو.

وزير اعظم عمران خان اڄ لاهور کان ڪراچي لاءِ نان اسٽاپ جناح ايڪسپريس ٽرين جو افتتاح ڪندو.

جناح ايڪسپريس 31 مارچ کان سفر جي شروعات ڪندي،سمورين سهولتن سان گڏ ٽرين جو ڪرايو ڇهه هزار پنج سو رپيا هوندو.

جناح ايڪسپريس کي ريلوي جي وفاقي وزير ۽ انتظاميا وي آئي پي ٽرين قرار ڏنو آهي، جڏهن ته ان جي سمورين ڪوچز کي ٻيهر مرمت ڪري ٻيهر استعمال لائق بڻايو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*