سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته ملڪ ۾ هر سياسي

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته ملڪ ۾ هر سياسي، معاشرتي ۽ معاشي مسئلو عدالتن ۾ ئي حل ٿيندو آهي،وڪيلن برادري جي ڪنهن زماني ۾ تمام گهڻي عزت هئي،روين جي تبديلي سان عزت ۾ فرق آيو.

لاهور لا ڪاليج ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته روين ۾ تبديلي ڪري هڪٻئي جي عزت ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو،

هن چيو ته ميڊيڪل ۽ قانون جا شعبا تمام گهڻا مقدس آهن،ڊاڪٽر انساني جسم جو علاج ڪندا آهن ۽ قانوندان معاشري جي بيمارين جو علاج ڪندا آهن.

چيف جسٽس چيو ته تاريخ جو مطالعو هڪ وڪيل جي دليلن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو،قانون جي اصل روح کان ڄاڻ هجي ته وڪيل جي دليلن ۾ وزن هوندو آهي،وڪيلن کي تاريخ، رياضي ۽ ادب تي به دسترس حاصل هجڻ گهرجي.

هن چيو ته هر قانون تاريخ جي ڪنهن نه ڪنهن واقعي جي مناسبت سان ٺهندو آهي،مون پنهنجن اکين سان وڪيل جي معاشري ۾ عزت ڏٺي آهي، منهنجو والد سائيڪل تي ڪورٽ ايندو هو، پر سمورا ان جو احترام ڪندا هئا، هن 55 سالن تائين وڪالت ڪئي.

هن چيو ته وڪيل پنهنجي برتاءَ کي بهتر ڪن، ڪوبه انهن تي آڱر نه کڻندو.

چيف جسٽس چيو ته 2007 کان 2009 تائين وڪيلن عدليا جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي،وڪيل معاشري جي محروم طبقي لاءِ قانوني جنگ وڙهندو آهي،هو پنهنجي موڪل جي قانوني جنگ سان گڏ سسٽم ۾ بهتري جي جنگ به وڙهندوآهي..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*