ڪراچي جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي جسماني رمانڊ ۾ 13 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏيندي

ڪراچي جي احتساب عدالت سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي جسماني رمانڊ ۾ 13 ڏينهن جي واڌ جي منظوري ڏيندي نيب کي کيس 12 اپريل تي ٻيهر پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني کي ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ چوٿون ڀيرو رمانڊ وٺڻ لاءِ پيش ڪيو ويو.

نيب پراسڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته آغا سراج دراني جي ڪمري اندر اي سي لڳائي آهي، هو هاڻ اسيمبلي به ناهي ويندو، تمام سٺي انداز ۾ جاچ جو عمل اڳتي وڌي رهيو آهي.

نيب پراسڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته آغا سراج دراني جي رمانڊ ۾15 ڏينهن واڌ ڪئي وڃي.

عدالت ۾ ٻڌڻي دوران اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته نيب وارا کيس ڪنهن سان به ملڻ جي اجازت ناهن ڏيندا، گذريل رمانڊ دوران به رڳو ڪجهه منٽ جاچ ڪئي وئي، ساڳيا سوال بار بار ڪيا ويندا آهن.

هن عدالت کي ٻڌايو ته نيب وارن کي پابند بڻايو وڃي ته جاچ دوران ساڳين سوالن کان پاسو ڪن.

آغا سراج دراني چيو ته احتساب عدالت مان انصاف جي اميد آهي.

احتساب عدالت نيب جي 15 ڏينهن واري رمانڊ جي استدعا رد ڪندي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ جو 13 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو.

 ٻڌڻي دوران شرجيل ميمڻ آغا سراج دراني سان عدالتي ڪمري اندر ملاقات ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي، جنهن دوران عدالتي ڪمري جو دروازو بند هجڻ ڪري هو واپس روانو ٿي ويو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*