اڳوڻي وزير اعظم ميان نوازشريف لاهور جي جاتي امراءَ کان شريف ميڊيڪل سٽي ڪامپليڪس اچي طبي معائنو ڪرايو ۽ وڌيڪ ٽيسٽون ڪرايون

اڳوڻي وزير اعظم ميان نوازشريف لاهور جي جاتي امراءَ کان شريف ميڊيڪل سٽي ڪامپليڪس اچي طبي معائنو ڪرايو ۽ وڌيڪ ٽيسٽون ڪرايون.

نوازشريف ،شريف ميڊيڪل سٽي ڪامپليڪس ۾ تفصيلي طبي معائنو ڪرايو، جتي هن ڊاڪٽرز سان صلاح مشوري کانسواءِ  نوازشريف  وڌيڪ ٽيسٽون به ڪرايون.

نوازشريف مختلف ٽيسٽن کانپوءِ جاتي امراءَ ۾ پنهنجي گهر روانو ٿي ويو.

گذريل ڏينهن به اڳوڻي وزير اعظم ميان  نواز شريف جو راءِ ونڊ ۾ ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويو هو،جتي شريف ميڊيڪل سٽي جي ڊاڪٽرن جي پينل نواز شريف جي شوگر، بلڊ پريشر ۽ دل جي ڌڙڪن چيڪ ڪئي هئي.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ کان ڇهن هفتن جي ضمانت تي آزادي کانپوءِ مسلم ليگ ن جي قائد نوازشريف جو ٽيون ڀيرو طبي معائنو ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*