پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ پ سوڙهي ٿي سنڌ جي ٻين ضلعن تائين محدود بڻجي وئي آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پ پ سوڙهي ٿي سنڌ جي ٻين ضلعن تائين محدود بڻجي وئي آهي، هاڻ شهري سنڌ جي نمائندگي پ پ ۽ متحده ڪري رهيون آهن. خانڳڙهه ۾ پي ٽي آءِ جي جلسي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته پ پ هاڻي ڪراچي ۾نظر نه ايندي، سنڌ واسي ٻڌائين ته پ پ سنڌ جي عوام کي 10 سالن ۾ ڇا ڏنو آهي؟

هن وڌيڪ چيو ته هاڻي پ پ ڪراچي سميت سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به نظر نه ايندي، بدين پي ٽي آءِ جو ڳڙهه آهي، جتان ڊاڪٽر فهميده مرزا ايم اين اي بڻجي وئي آهي، لاڙڪاڻي مان به معظم عباسي ايم پي اي ٿي ويو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪرپٽ ٽولي کي انجام تائين پهچايو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*