پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اسان ڪمزور حڪومت کي ڪيرائڻ نٿا گهرون

پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو آهي ته اسان ڪمزور حڪومت کي ڪيرائڻ نٿا گهرون،وزير اعظم 18 هين ترميم جي پٺيان هٿ ڌوئي پويان پئجي ويو آهي،هن جي اهڙي  بيان تي رڳو ماتم ئي ڪري سگهجي ٿو.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قمر زمان ڪائرا چيو ته اهي جيڪي هڪ هزار ماڻهو گڏ ڪري نٿا سگهن، اهي اسان جي ٽرين مارچ تي تنقيد ڪري رهيا آهن.

پ پ اڳواڻ چيو ته حڪومت سياسي ڇڪتاڻ کي وڌائي رهي آهي،جڏهن ته اسان ملڪ ۾ سياسي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ گهرون ٿا.

هن چيو ته وزيراعظم سياسي پارٽين کي للڪاري رهيو آهي.

هن چيو ته مهانگائي جي رفتار ۾ لاڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي،اسٽيٽ بينڪ جي تازي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته حڪومتي قدمن سان مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*