ملتان جي صوبائي تڪ پي پي 218 تي ننڍي چونڊ  لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي

ملتان جي صوبائي تڪ پي پي 218 تي ننڍي چونڊ  لاءِ پولنگ جو عمل جاري آهي.تڪ تي پي ٽي آءِ جي اميدوار واصف مظهر ۽ پ پ اميدوار ملڪ محمد ارشد ۾ ڪانٽي جو مقابلو آهي،ن ليگ پ پ جي حمايت ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن مطابق پي پي218 تي  پولنگ جو عمل صبح جو 8 وڳي کان شام جو 5 وڳي تائين جاري رهندي.

هي سيٽ 16 جنوري 2019 تي پي ٽي آءِ جي اميدوار  مظهر عباس جي وفات سبب خالي ٿي هئي.

صوبائي تڪ تي  2 لک 3 هزار 188 ووٽرز ووٽ داخل آهن ۽  32 پولنگ اسٽيشنز کي اي ۽ 48 بي ۽ 58 کي سي ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو آهي.

ڪنهن به اڻ وڻندڙ صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*