دادو سول اسپتال جي فيميل وارڊ ۾ عورت جو ويم ديرسان ڪرائڻ تان اسپتال عملي ۽ عورت جي وارثن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو

دادو سول اسپتال جي فيميل وارڊ ۾ عورت جو ويم ديرسان ڪرائڻ تان اسپتال عملي ۽ عورت جي وارثن وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو، ڀڃ ڊاهه دوران وارڊ جا شيشا ٽٽي پيا، اسپتال عملي پوليس گهرائي عورت جي مڙس کي گرفتارڪرائي ڇڏيو.

ڦلجي واسي عورت جميلا زال مرتضي پنهور کي رات دير سان  ويم لاءِ سول اسپتال آندو ويو، جتي اسپتال عملي مبينا طور ويم ڪرائڻ ۾ دير ڪري ڇڏي.

عورت جي وارثن پاران  اسپتال عملي کي ويم جلدي ڪرائڻ لاءِ زور ڀرڻ تي عملي ۽ وارثن وچ ۾ منهن ماري بعد جييڙو ٿي پيو.

جهيڙي دوران فيميل وارڊ جا شيشا ٽٽي پيا، جنهن تي اسپتال عملي پوليس گهرائي عورت جي مڙس مرتضيٰ پنهور کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو.

گرفتار ٿيل مرتضيٰ پنهور جو چوڻ آھي ته سندس زال جي حالت خراب هئي، ليڊي ڊاڪٽر ۽ ٻيو عملو ننڊ پيل هو، دروازا تيزکڙڪائڻ سبب شيشا ٽٽي پيا آھن.

ڊيوٽي ڊاڪٽر عرفانا پيرزادو الزام رد ڪندي چيو ته ننڊ نه هئاسين، عورت جو ويم پڻ ڪرايو آھي، مريض جي وارثن حملو ڪري شيشا ڀڃي ڇڏيا۽ بدتميزي به  ڪئي آهي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*