بلوچستان جي علائقي سرياب ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا

بلوچستان جي علائقي سرياب ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿي پيا،واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ ايف سي علائقي کي گهيري ۾ آڻي سرچ آپريشن شروع ڪيو  ۽ واقعي جا ثبوت به گڏ ڪري ورتا.

ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ اڻ ڄاتل هٿياربندن  فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مسجد جي پيش امام سميت ٻه ڄڻا مارجي ويا ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا.

اطلاعن مطابق مارجي ويلن ۾ عبدالحئي ۽ عبدالعزيز شامل آهن.

پوليس جي شروعاتي رپورٽ مطابق زخمين ۾ ظفرالله ۽ نوراحمد شامل آهن.

ذريعن مطابق مارجي ويل عبدالحئي مقامي مسجد جو پيش امام هو.

فائرنگ جو اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي، لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا ۽ زخمين کي سول اسپتال ڪوئيٽا ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.

ايف سي ۽ علائقي جي پوليس سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ واقعي بابت ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*