ڪراچي ٽول پلازه ڀرسان ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳواڻ خواجه اظهار الحسن روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 3 گارڊن سميت سخت زخمي ٿي پيو

ڪراچي ٽول پلازه ڀرسان ايم ڪيو ايم پاڪستان جو اڳواڻ خواجه اظهار الحسن روڊ حادثي جي نتيجي ۾ 3 گارڊن سميت سخت زخمي ٿي پيو، کيس مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن ۾ ڌڪ لڳا رسيا آهن، ڊاڪٽرن موجب سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي.

خواجا اظهار الحسن گهوٽڪي ۾ وزير اعظم سان ملاقات کانپوءِ واپس ااچي رهيو هو ته  ڪراچي ٽول پلازه ڀرسان سپر هاءِ وي تي سندس  گاڏي روڊ تي هڪ کڏي ۾ وڃي لڳي، جنهن دوران سندس پويان ايندڙ محافظن جي گاڏي سندس گاڏي سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي جي نتيجي ۾ خواجا اظهار الحسن ۽ سندس ٽي محافظ زخمي ٿي پيا.

حادثي ۾ زخمي ٿيل خواجا اظهار کي بنادير ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ منتقل ڪيوو ويو.

متحده اڳواڻ عامر خان ٻڌايو ته خواجه اظهار الحسن کي مٿي ۽ جسم جي ٻين حصن ۾ ڌڪ لڳا آهن.

اسپتال جي ذريعن موجب خواجه اظهار الحسن جي سٽي اسڪين ڪئي وئي آهي، سندس حالت خطري کان ٻاهر آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*