سکر ڀرسان لکڻ ۽ گهانگهرا برادري  جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قومپرست  اڳواڻ جو پٽ  مارجي ويو ۽  3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن

سکر ڀرسان لکڻ ۽ گهانگهرا برادري  جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي دوران فائرنگ ۾ قومپرست  اڳواڻ جو پٽ  مارجي ويو ۽  3 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.

تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڀائي خان گھانگھرو ۾ لکڻ برادري جي ماڻهن حملو ڪري فائرنگ، ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان عبدالغفور گھانگھرو ٿڌي ٿي  مارجي ويو.

فائرنگ ۾ غلام حيدر، غلام قادر ۽ محمد دائود شديد زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو مڙھ ۽ زخمين کي باگڙجي اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ڪابه گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*