ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو

ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، مٺي ۽ ننگر پارڪر جي اسپتالن ۾ وڌيڪ 2 ٻار فوت ٿي ويا، ٽن مهينن دوران فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 213 ٿي ويو.

ڳوٺ ڊهه کاڙڪ جي رهواسي مصطفيٰ کاڙڪ جي هڪ سال جي معصوم نياڻي  فريده ننگر پارڪر تعلقي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي.

ڳوٺ پوسرڪو جي رهواسي ذوالفقار جوڻيجي جو 5 سالن جو پٽ زاهد مٺي سول اسپتال ۾فوت ٿي ويو.

  ٿر ۾ غذائي کوٽ سبب بيمارين ۾ٽن مهينن دوران  فوت ٿيل ٻارڙن جو انگ وڌي 213 ٿي ويوآهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*