گهرو معاملن جي مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته قوم جاڳي رهي آهي،پاڪستان کي سمورن مذهبن جو ملڪ بڻائينداسين

گهرو معاملن جي مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته قوم جاڳي رهي آهي،پاڪستان کي سمورن مذهبن جو ملڪ بڻائينداسين.

اسلام آباد ۾ يوٿ سمٽ کي خطاب ڪندي آفريدي چيو ته پٺاڻ ڪڏهن به سبز پرچم جي خلاف نه ڳالهايو آهي، جيڪڏهن پاڪستان جي خلاف ڪوئي ڳالهائي رهيو آهي ته اهو ڪنهن ٻئي جي زبان ڳالهائي ٿو.

هن چيو ته هاڻ جيڪڏهن ڪنهن قانون کي هٿ ۾ کنيوته ان کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.

شهريار آفريدي چيو ته هاڻ ٻاهر کان ڪنهن جي ڪال ٻڌي ڪري فيصلو نه ڪنداسين،پاڪستان جا فيصلا پاڪستان ۾ ئي ٿيندا.

هن چيو ته قوم جاڳي رهي آهي، ملڪ ۾ ڪنهن به مذهبي اقليت سان زيادتي نه ڪنداسين.

مملڪتي وزير چيو ته پوري دنيا پاڪستان جي نوجوانن کان چڱي ريت واقف آهي ۽ اهي ملڪ جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻن ٿا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*