سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي کي سنڌو درياهه جي پاڻي کان خطرو وڌي ويو

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي کي سنڌو درياهه جي پاڻي کان خطرو وڌي ويو، سنڌو درياهه کان بچاءُ بندن، پچنگ اسپر ۽ ايپران کي کاڌ سبب پهتل نقصان جو جائزو  وٺڻ لاءِ ماهرن جي ٽيم پهچي جائزو ورتو آهي.

سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي کي سنڌو درياهه سبب  خطرو وڌي ويو آهي.

سنڌو درياهه کان خطرو جو جائزو وٺڻ لاءِ ماهرجي ٽيم به پهتل آهي. جيڪا سنڌو درياهه کان بچاءُ بندن  بابت جائزو وٺي رهي آهي.

ماهرن جي ٽيم پاران پچنگ، اسپر ۽ ايپران کي کاڌ سبب پهتل نقصان جو جائزو ورتو ويو آهي.

ماهرن ۾ڪميٽي چئرمين ڊاڪٽر ڪليم لاشاري، پاڻي ماهر ۽ اڳوڻو ايريگيشن سيڪريٽري ادريس راجپوت، سنڌ يونيورسٽي ۾ جيولاجي شعبي جو پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر سرفراز سولنگي، ايڪسين ايريگيشن دادو ڪئنال لاڙڪاڻو منير احمد موريو، آرڪيٽڪ نويد ۽ ٻيا عملدار شامل آهن.

ٻئي طرف ماهرن پاران بندن ۽ اسپرن کي سنڌو درياهه جي کاڌ ۽ ٻين خطرن کان بچائڻ لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ بابت گڏجائي جاري آهي.

گڏجاڻي ۾ بندن ۽ اسپرن کي پهتل نقصان بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*