نيپال ۾ طوفاني هوائن سان برسات  سبب مختلف حادثن ۾ 25  ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا

ڏکڻ نيپال ۾ طوفاني هوائن سان برسات  سبب مختلف حادثن ۾ 25  ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. کٽمنڊو پوليس چيف جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن، ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي، فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

نيپال ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، برسات سبب ٻوڏ واري صورتحال آهي.

طوفاني برسات سبب ڪيترائي گهر ڊهي پٽ پئجي ويا آهن، جڏهن ته مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ مطابق  نيپال جي اولهندي واري علائقي ۾ طوفاني برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن ۾ 25 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

پرڏيهي ميڊيا موجب متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو پيو وڃي.

پوليس جي چيف جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*