نواز ليگ اڳواڻ خواجا آصف پرڏيهه ۾ هئڻ سبب اڄ نيب راولپنڊي آڏو پيش نه ٿي سگهندو

نواز ليگ اڳواڻ خواجا آصف پرڏيهه ۾ هئڻ سبب اڄ نيب راولپنڊي آڏو پيش نه ٿي سگهندو، نيب کيس آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ڪيس ۾ طلب ڪيو هو، 3 اپريل تي خواجا آصف جي ڏيهه واپس اچڻ جو امڪان آهن.

اڳوڻي وفاقي وزير خواجه آصف اڄ نيب  راولپنڊي آڏو پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.

ذريعن موجب خواجه آصف ٻاهرين ملڪ هجڻ ڪري نيب آڏو 3 اپريل تي پيش ٿيڻ جي درخواست جمع ڪرائي ويندي.

ذريعن موجب آمدني کان وڌيڪ ملڪيت ٺاهڻ واري  نيب ڪيس ۾ اڳوڻي وفاقي وزير خواجه آصف کي طلب ڪيو ويو هو.

ذريعن موجب مسلم ليگ ن جي اڳواڻ پاران ٻاهرئين ملڪ تي هجڻ کي جواز ڄاڻائي نيب راولپنڊي اڳيان 3 اپريل تي پيش ٿيڻ جي درخواست جمع ڪرائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*