ترڪي ۾ حڪمران جماعت اي  ڪي پي 15 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو راڄڌاني واري شهر انقره ۾ هارائي وئي

ترڪي جي مڪاني چونڊن ۾ حڪمران جماعت اي  ڪي پي 15 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو راڄڌاني واري شهر انقره ۾ هارائي وئي، اپوزيشن جماعتن جو اڳواڻ منصور يـُواس 50 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ميئر چونڊجي ويو، صدر اردگان شڪست تسليم ڪندي چيو آهي ته اي ڪي پارٽي کان ڪجهه ڪوتاهيون ٿيون آهن ته انهن کي درست ڪنداسين.

ترڪي جي مڪاني ادارن جي چونڊ ۾ حڪمران جماعت اي  ڪي پي 15 سالن کانپوءِ انقره ۾ هارائي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ترڪي جي گادي واري شهر انقره ۽ استنبول ۾ مڪاني چونڊن دوران حڪمران جماعت کي شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي ۽ اپوزيشن استنبول ۾ کٽڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

انقره ۾ ترڪ حڪمران جماعت جي مهمت اوزاسڪي 47 سيڪڙو ووٽ کڻي سگهيو، جڏهن ته اپوزيشن جماعت سي ايڇ پي جي منصور يواس 50 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ميئر چونڊجي ويو.

استنبول ۾ به حڪمران جماعت ۽ اپوزيشن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيوآ هي، جڏهن تي حڪمران جماعت جي اميدوار اڳوني وزيراعظم بن علي يلدرم 41 لک 11 هزار 219 ووٽن سان سڀني کان اڳتي آهي، جڏهن ته اپوزيشن جماعت جو ايڪرم امام اگلو 41 لک 6 هزار 776 ووٽن سان ٻئين نمبر تي رهيو آهي.

سڄي ملڪ ۾ نتيجن موجب، صدر طيب اردگان جي جماعت اي ڪي پي کي ٽوٽل  52 سيڪڙو ووٽ مليا آهن، جڏهن ته اپوزيشن الائنس 38 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪيا آهن.

ترڪ صدررجب طيب اردگان چيو ته جيڪڏهن ڪا ڪوتاهي رهجي وئي آهي، ان کي درست ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي.

رجب طيب ارگان چيو ته، اي ڪي پارٽي پنهنجي ڪوتاهين کي درست ڪندي…..

پرڏيهي ميڊيا موجب استنبول ۾ ميئر جي سيٽ حڪمران جماعت کٽي ورتي آهي، اڳوڻي وزيرا عظم بن علي يلدرم کي استنبول ۾ سادي اڪثريت سان ڪاميابي ملي آهي، مختلف شهرن اڃا تائين ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*