فيض گنج ۾هٿياربندن فائرنگ ڪري سانگهڙ واسي پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو

 فيض گنج ۾هٿياربندن فائرنگ ڪري سانگهڙ واسي پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مقتول مائٽن وٽ آيل هو، واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي.

رتڙ ڳوٺ چوڪ وٽ موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن آدم مري کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾وٺي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

علائقي واسين موجب مقتول سانگهڙ جي چڪ 57 جو رهواسي هو، جيڪو ڪجهه ورهين کان پنهنجي ڪٽنب سميت ڪراچي ۾ رهندڙ هو.

پوليس موجب مقتول ڪرونڊي جي ڳوٺ رضا محمد مري ۾ مائٽن وٽ آيل هو، ڪرونڊي کان ڳوٺ موٽر سائيڪل تي وڃي رهيو هو ته اڻڄاتل هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.

پوليس موجب واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي، جوابدار واقعي بعد موقعي تان فرار ٿي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*