حڪومت سمجهي ٿي ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي اڃا به ضرورت آهي، فواد چوڌري

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي ضرورت آهي، جيڪڏهن سياسي جماعتون فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ تي راضي نه ٿيون ته پوءِ مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي،

برطانوي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي فواد چوڌري چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ وارو معاملو سياسي جماعتن جي اتفاق تي دارو مدار رکي ٿو.

هن چيو ته جيڪڏهن سياسي جماعتون متفق نه ٿيون ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.

فواد چوڌري چيو ته حڪومت فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، جيڪڏهن اتفاق ٿي وڃي ٿو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ڪئي ويندي.

سڌ سماءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن ٻيون جماعتون سمجهن ٿيون ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ جي هاڻ ضرورت نه آهي ته پوءِ مدي ۾ واڌ نه ڪئي ويندي.

فواد چوڌري چيو ته حڪومت سمجهي ٿي ملڪ ۾ فوجي عدالتن جي اڃا به ضرورت آهي.

هن چيو ته فوجي عدالتن جو قيام غير معمولي حالتن ۾ غير معمولي قدم هو، اسان سمجهون ٿا ته فوجي عدالتن ڪاميابي سان گڏ ڊيليور به ڪيو آهي.

فواد چوڌري چيو ته اسان دهشتگردي کي مڪمل شڪست ڏيڻ جي تمام گهڻو ويجهو اچي ويا آهيون، اسان سمجهون ٿا ته عدالتن ۾ مدي ۾ واڌ ضروي آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ ڪرڻ سٺو آهي، نيشنل قومي ايڪشن پلان وقت به اتفاق راءِ هو پر موجوده صورتحال ۾ اهو ممڪن نه هوندو، جيڪڏهن ان معاملي تي قومي اتفاق راءِ نه هجي

واضح رهي ته پاڪستان ۾ فوجي عدالتون پشاور جي آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ نيشنل ايڪشن پلان تحت 2015 ۾ قائم ڪيون ويون هيون.

فوجي عدالتون شروعاتي طور ٻن سالن لاءِ ٺاهيون ويون هيون، مارچ 2017 ۾ مسلم ليگ ن جي حڪومت 23هين آئيني ترميم ذريعي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ ڪئي هئي.

پاڪستان جي موجوده حڪومت به فوجي عدالتن جي مدي ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ جو فيصلو ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*