ميرپوربٺوري ويجهو جوابدارن ڪوڏر ۽ ڏاٽن جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو

 ميرپوربٺوري ويجهو جوابدارن ڪوڏر ۽ ڏاٽن جا وار ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو،پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتوآهي.

ڳوٺ حاجي صديق پرھياڙ ۾ 26 ورهين جي نوجوان سارنگ پٽ نم پرھياڙ کي جوابدارن ڏاٽن ۽ ڪوڏرن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

 ميرپوربٺورو پوليس نوجوان جو لاش تحويل ۾ تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس ڪارروائي ڪري 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتوآهي، جڏهن ته واقعي جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*