ڀارتي اوپنر روهت شرما جي شاندار اننگ سبب ڀارت ٽيم جو مورال بلند ٿي ويو

ڀارت جي نوجوان اوپنر روهت شرماجي رڪارڊ ساز اننگ سبب ڀارتي ٽِيم پنج ون ڊي ميچز تي ٻڌل سيريز جي چوٿين ميچ ۾ سري لنڪن ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 153رنز تان شڪست ڏئي سيريز ۾ ٻڙي جي ڀيٽ چئن ميچز جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ڀارتي شهر ڪلڪته ۾ انڊين ٽيم جي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو،جيڪو صحيح ثابت ٿيو.

ڀارتي ٽِيم مقرره 50 اوورس ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 404رنز اسڪور ڪيون،جنهن ۾ روهت شرما جي 264رنز جي شاندار اننگ شامل هئي.

ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ اها روهت شرما جي ٻين ڊبل سنچري آهي ۽ سندس اننگ ون ڊي ڪرڪيٽ جو سڀ کان وڏو انفرادي اننگ آهي، ان کان پهرين وريندر سهواڳ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 219 رنزجي اننگ کيڏي هئي.

روهت شرما جي اننگ ۾ 33چونڪا ۽9ڇڪا شامل هئا، ٻين بيٽسمينن ۾ ويرات ڪوهلي 66۽ريهاني 28 رنز جي اننگ کيڏي.

سري لنڪن ٽِيم پاران اينجلو ميٿيوز 2، جڏهن ته ڪلاسيڪار ۽ ارنگا هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

سري لنڪن ٽيم ڀارتي ٽيم پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليا 405رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 251رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

سريلنڪن ٽيم پاران ڪپتان اينجلو ميٿيوز 75،ٿريماني 59 ۽دلشن 34 رنز جي اننگ کيڏي نمايا بيٽسمين رهيا.

ڀارتي ٽِيم پاران ڪلڪرني 4، جڏهن ته ياديوِ، بني ۽ پاٽيل ٻه-ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

روهت شرما کي رڪارڊ ساز اننگ کيڏڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*