ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان جي معشيت کي تمام گهڻا چيلنجز آهن

ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان جي معشيت کي تمام گهڻا چيلنجز آهن ۽ معشيت تي اشرافيا جو ڪنٽرول آهي، پاڪستان جي معشيت کي تمام گهڻا چيلنجز آهن ۽ معشيت تي اشرافيا جو ڪنٽرول آهي.

اسلام آباد ۾ اسٽيٽ بينڪ جي تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته مقامي مقامي واپار ملڪي معشيت ۾ بنيادي حيثيت رکي ٿو، بينڪنگ سيڪٽر جي ترقي لاءِ تمام گهڻا موقعا موجود آهن.

هن چيو ته دنيا ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو سٺو ۽ خراب استعمال ٿي رهيو آهي، چورن جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته دنيا ۾ جديد ٽيڪنالوجي جو سٺو ۽ خراب استعمال ٿي رهيو آهي، چورن جي ڊيٽا حاصل ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل ڪم آهي.

هن چيو ته مثال طور جيڪڏهن مون وٽ چوري جو پيسو آهي ته ايف بي آر به ان رڪارڊ کي حاصل نه ٿي ڪري سگهي، اسٽيٽ بينڪ کي ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اسد عمر چيو ته اسان کي هن سسٽم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻو آهي، پاڪستان 30، 40 سال پوئتي هليو ويو آهي.

ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سائبر سيڪيورٽي جي بهتري لاءِ سيڙپڪاري ڪئي ويندي. ………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*