پاڪ پتن واري علائقي ۾ هيليڪاپٽر تيار ڪندڙ شخص کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

پاڪ پتن واري علائقي ۾ هيليڪاپٽر تيار ڪندڙ شخص کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، پوليس فياض احمد سان گڏ سندس تيار ڪيل هيليڪاپٽر به تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.

پاڪ پتن واري علائقي ۾ هيليڪاپٽر تيار ڪندڙ شخص فياض کي پوليس ساٿين سميت گرفتار ڪري ورتو.

اي ايس آءِ پاڪ پتن جي فرياد تي نوجوان تي ڪيس داخل ڪيو ويو.

ايف آءِ آر جي متن موجب، جهاز بنا پرمٽ جي ٺاهيو ويو آهي، نوجوا جهاز تي خطرناڪ ڪرتب به ڏيکاريا آهن، پوليس جڏهن پهتي ته نوجوان جهاز لينڊ ڪري رهيو هو.

ايف آءِ آر جي متن موجب، جوابدار 5 سئو کان 6 ماڻهن جي وچ ۾ سنگين انداز ۾ ڪرتب ڏيکاريو پر ڪو به حادثو پيش نه آيو.

پوليس موجب، محمد فياض کان جهاز اڏارڻ جو پرمٽ گهريو انڪار ڪرڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو.

ايف آءِ آر جي متن موجب، نوجوان کي مني جهاز ۽ ٻئي سامان سميت ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*