مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اگهن ۾ واڌ جي حڪم نامي تي صحيح ڪرڻ دوران عمران خان جا هٿ ڇو نه ٿا ڏڪن

مسلم ليگ ن جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته اگهن ۾ واڌ جي حڪم نامي تي صحيح ڪرڻ دوران عمران خان جا هٿ ڇو نه ٿا ڏڪن.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري حڪومتي فيصلي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.

پنهنجي ٽوئيٽ ۾ شهباز شريف چيو ته مهانگائي جي سونامي پاڪستاني عوامي جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

نواز ليگ اڳواڻ چيو ته اگهن ۾ واڌ جي حڪم نامي تي صحيح ڪرڻ دوران عمران خان جا هٿ ڇو نه ٿا ڏڪن.

شهباز شريف چيو ته اسان مطالبو ڪيون ٿا ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ جو فيصلو واپس وٺي.

واضح رهي ته حڪومت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ 6، 6 رپيا في ليٽر ۽ لائيٽ اسپيڊ ڊيزل ۽ گاسليٽ جي اگهن ۾ في ليٽر 3 رپيا واڌ ڪئي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*