پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو پيءُ سردار فتح محمد بوزدار لاڏاڻو ڪري ويو

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو پيءُ سردار فتح محمد بوزدار لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم ڪجهه عرصي کان بيمار هو، سندس ڊيرا غازي خان ۾ جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وزيراعظم عمران خان سميت ٻين سياسي پارٽين جي اڳواڻن پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو.

پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جو پيءُ سردار فتح محمد بوزدار اڄ صبح لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جي ڊيرا غازي خان جي علائقي تونسا ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي.

سردار فتح محمد بوزدار ڪجهه عرصي کان دل جي بيماري ۾ مبتلا هو، جنهن اڄ صبح دم ڌڻي حوالي ڪيو.

وزيراعظم عمران خان پاران پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار جي والد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مغفرت لاءِ دعا به گهري وئي آهي.

واضح رهي ته سردار فتح محمد بوزدار ڊيرا غازي خان جي قبائلي علائقي تمن بوزدار سان تعلق رکندو هو.

سردار فتح محمد بوزدار جو ڪٽنب ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پنجاب جي سياست ۾ متحرڪ رهيو، جڏهن ته مختلف سياسي پارٽين سان به لاڳاپيل رهيو آهي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*