پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي، دنيا کي پيغام ملي ويو آهي ته هي پراڻو نه پر نئون پاڪستان آهي، والاريل ڪشمير مسئلو رڳو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻ گهرجي.

لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جو مستقبل محفوظ هٿن ۾ آهي.

هن چيو ته، دنيا کي پيغام ملي ويو آهي ته هي پراڻو نه پر نئون پاڪستان آهي ۽ سڄي دنيا نئين پاڪستان ڏانهن ڏسي رهي آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته، نئين پاڪستان ۾ ڀارت کي ڀرپور جواب ڏينداسين، ضرب عضب ۽ ردالفساد ذريعي دهشتگردي خلاف ڪاميايون مليون آهي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ملڪ اندر نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري آهي

پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڪشمير مسئلو رڳو ڳالهين ذريعي ئي حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان ڀارت کي ڪيترائي ڀيرا ڳالهين جي دعوت ڏئي چڪو آهي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*