پيرڳوٺ ڀرسان وحشي جوابدار پاران ڏنڊا هڻي زخمي ڪيل سندس پيرسن پيءُ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو

پيرڳوٺ ڀرسان وحشي جوابدار پاران ڏنڊا هڻي زخمي ڪيل سندس پيرسن پيءُ اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

ڳوٺ سعيد خان ميتلو ۾ جوابدار الهورايو ميتلو گذريل ڏينهن معمولي ڳالهه تان پنهنجي پيرسن پيءُ محمود حسين ميتلو کي ڏنڊا هڻي زخمي ڪيو هو.

پيرسن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپور جي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي اڄ هو زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويو.

پٽ جي تشدد ۾ فوت ٿيل پيرسن جو مڙهه گهر آندو ويو ته گهر ڀاتين ۾ڪهرام مچي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار الهورايو ميتلو کي گرفتار ڪيو آهي، وارثن جي اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*